سنڌ قيصري

سنڌ قيصري (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار 1905ع کان چيلارام مڱڻ مل لوهاڻي جي ادارت ۾ سنڌ قيصري پريس شڪارپور مان ڇپجي پڌري ٿيندي هئي. پهريان هن اخبار جون فقط هڪ سئو ڪاپيون شايع ٿينديون هيون پوءِ تڪڙي مقبوليت سبب اپريل 1906ع تائين هن اخبار جي اشاعت ساڍا پنج سئو ڪاپين تائين وڃي پهتي. هيءَ اخبار ڪاميابيءَ سان هلندي رهي ۽ پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي.


لفظ سنڌ قيصريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو